اسلام آباد – 30 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته پاڪستان ٽيلي ويزن 4 ارب روپين جو روينيو ٽارگيٽ حاصل ڪيو آهي جيڪو تاريخ جو سڀ کان وڏو روينيو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته پي ٽي وي جڏهن اسان کي ملي ته مڪمل ڏيوالو نڪتل هئي، اسان مختصر عرصي ۾ پي ٽي وي جي ٻن چئنلز کي ڊجيٽل ڪيو ۽ پي ٽي وي جو بزنس ماڊل ٺاهي ڇڏيو جنهن جي ڪري پي ٽي وي اڄ انهن ادارن ۾ شامل آهي جيڪي منافعي ۾ آهن. پنهنجي هڪ ٻي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته 22 پريس ڪلب هن سال ڊجيٽل اسٽوڊيوز ۽ ليب جي لاءِ چونڊيا وي?? آهن انهن پريس ڪلبن کي ماڊرن اسٽوڊيو ۽ ايڪيو??پم??ٽ ملندو جنهن سان مقامي صحافي ڊجيٽل صحافت جا جديد رموز استعمال ڪري سگهندا، ان اسڪيم ۾ فرنيچر ۽ سائونڊ سسٽم به اپ گريڊ ڪيا ويندا، وفاقي وزير پنهنجي ٽوئيٽ ۾ پهرين مرحلي ۾ انهن 22 پريس ڪلبن جي فهرست به شيئر ڪئي جنهن ۾ ڊجيٽل اسٽوڊيوز جي سهولت فراهم ڪئي ويندي. انهن پريس ڪلبن ۾ حيدرآباد پريس ڪلب، سکر پريس ڪلب، بدين پريس ڪلب، ??ٽو پريس ڪلب، ??لتان پريس ڪلب، ??يصل آباد پريس ڪلب، ??يانوالي پريس ڪلب، جهلم پريس ڪلب، ??اهور پريس ڪلب، جهنگ پريس ڪلب، ڪوئيٽا پريس ڪلب، تربت پريس ڪلب، گوادر پريس ڪلب، حب پريس ڪلب، ??شاور پريس ڪلب، چترال پريس ڪلب، بنون پريس ڪلب، ايبٽ آباد پريس ڪلب، اسڪردو پريس ڪلب، گلگت پريس ڪلب، ??ظفر آباد پريس ڪلب ۽ نيشنل پريس ڪلب اسلام آباد ش??مل آهن.