اسلام آباد – 28 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان ملتان سان تعلق رکندڙ صوبائي اسيمبلي ميمبرن ۽ پارٽي ميمبرن ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ڪندڙن ۾ صوبائي اسيمبلي ميمبر نديم قريشي، جاويد اختر انصا??ي ۽ تحريڪ انصاف جو ميمبر ملڪ عدنان ڊوگر شامل هئا. ان موقعي تي شرڪت ڪندڙن وزيراعظم کي عوامي ميڙ امر بال??عر??ف جي ڪامياب انعقاد تي مبارڪباد ڏني ۽ ملتان ۾ جاري ترقياتي ??نص??بن، ڏکڻ پنجاب پئڪيج ۽ نئون پاڪستان صحت ڪارڊ جي عوامي پذيرائي کان به آگاهه ڪيو. وزيراعظم عمران خان عوامي ڀلائي جي جاري ترقياتي ??نص??بن کي ترجيحي بنيادن تي مڪمل ڪرڻ ۽ پارٽي تنظيم کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي هدايت ڪئي.