اسلام آباد – 20 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب کي او آءِ سي جي 48 هين اجلاس ۾ پرڏيهي وزي??ن جي استقبال لاءِ مهمانداري وزير نامزد ڪري ڇڏيو آه??، اسلام آباد ۾ 22 ۽ 23 مارچ تي او آءِ سي جو اهم اجلاس منعقد ٿي رهيو آهي. او آءِ سي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ ميمبر ملڪن جا پرڏيهي وزير آچر جي ٽپهر نيو انٽرنيشنل ايئرپورٽ اسلام آباد پهچڻ شروع ٿ??ندا. مهمانداري وزير فرخ حبيب او آءِ سي جي ميمبر ملڪن جي پرڏيهي وزي??ن جي آجيان ڪندو.