اسلام آباد – 23 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان روسي صدر ??لادي مير پيوٽن جي خصوصي دعوت تي رو?? جي ٻن ڏينهن جي تاريخي سرڪاري دوري تي روانو ٿي ويو. وزيراعظم آفي?? جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وفاقي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي، چوڌري فواد حسين، اسد عمر، حماد اظهر، واپار وارو صلاحڪار عبدالرزاق دائود، قومي سلامتي وارو صلاحڪار ڊاڪٽر معيد يوسف ۽ عامر محمود ڪياني پڻ دوري ۾ وزيراعظم سان گڏ آهن. وزيراعظم عمران خان ۽ رو?? جي صدر ??يوٽن جي وچ ۾ ملاقات هن دوري جو اهم ترين جز هوندو. وزيراعظم عمران خان ماسڪو ۾ رو?? جي سڀ کان وڏي مسجد اسلامڪ سينٽر جو دورو ڪندو. وزيراعظم عمران خان سان اهم روسي قيادت بشمول نائب وزيراعظم، روسي سيڙپڪار ۽ واپاري پڻ ملاقات ڪندا. صدر ??يوٽن سان ملاقات ۾ وزيراعظم عالمي ۽ خطي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندا. ملاقات ۾ روس پاڪستان لاڳاپن خاص طور تي توانائي جي شعبي ت?? ڳالهه ٻولهه ٿيندي. اسلامو فوبيا ۽ افغانستان جي ص??رتحال پڻ غور هيٺ ايندي. وزيراعظ?? جو دورو روس ۽ پاڪستان جي ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪندو. وزيراعظم عمران خان ٻن ڏهاڪن کانپوءِ روس جو دورو ڪندڙ پهريون پاڪستاني وزيراعظم آهي.