اسلام آباد – 08 جنوري (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر ۽ ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري مريءَ ۾ سخت برفباري جي ڪري سياحن جي فوتگين تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آ??ي. ??اري بيان ۾ هنن فوت ٿيندڙ ??ياحن جي خاندانن سان همدردي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ پوري قوم پونئيرن جي ڏک ۾ برابر جي شريڪ آ??ي. ??سپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر فوت ٿيندڙ ??ياحن جي درجن جي بلندي ۽ سوڳوار خاندانن کي ان ناقابل ت??افي نقصان کي برداشت ڪرڻ جي لاءِ حوصلو ۽ همت عطا فرمائڻ جي پڻ دعا ڪئي. هنن لاڳاپيل عملدارن کي ڦاٿل سياحن کي فوري طور تي ريسڪيو ڪري محفوظ جاين تائين پهچائڻ جي پڻ هدايت ڪئي آهي.