اسلام آباد – 19 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان افغانستان جي ڪمزور آبادي کي انس??ني بنيادن تي امداد جي فراهمي ۽ عالمي برادري پاران معاشي شموليت جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائ??نس?? جي 17 هين غيرمعمولي اجلاس جي موقعي تي او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل حسين ابراهيم طحيٰ سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خان او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل جي پاڪستان جي پهرين دوري تي سندس آجيان ڪئي ۽ او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائ??نس?? جي غيرمعمولي اجلاس ۾ سندس شرڪت تي ٿورا مڃيا. هن افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ او آءِ سي جي ڪوششن کي ساراهيو. هن افغانستان جي ڪمزور آبادي کي انس??ني بنيادن تي امداد جي فراهمي ۽ عالمي برادري پاران معاشي ڳالهين جي ضرورت جي اهميت کي اجاگر ڪيو. وزيراعظم سڄي دنيا ۾ مسلمانن کي درپيش اسلامو فوبيا جي چئلينج کي پڻ اجاگر ڪيو. هن تجويز ڏني ته او آءِ سي سڄي دنيا جي ماڻهن کي حضرت محمد ﷺ سان مسلمانن جي محبت ۽ عقيدت مندي کان آگاهي جي لاءِ قيادت ڪري. وزيراعظم ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انس??ني حقن جي سنگين خلاف ورزين تي گهري ڳڻتي ظاهر ڪئي. او آءِ سي پاران ڪشميرين جي ڀرپور حمايت کي ساراهيندي هن او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل کي درخواست ڪئي ته هو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائ??نس?? جي قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي حل جي حمايت جاري رکي. او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل افغان عوام کي درپيش انس??ني بحران کي منهن ڏيڻ جي لاءِ وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائ??نس?? جو غيرمعمولي اجلاس گهرائڻ تي ٿورا مڃيا. هن پاڪستان ۾ پنهنجي قيام دوران ڀرپور ميزب??ني تي پاڪستان ۽ ان جي عوام جا پڻ ٿورا مڃيا.