اسلام آباد – 13 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي شاگردن تي زور ڏيندي چيو آهي ته هو پنهن??ي تعليم تي ڌيان ڏيندي ملڪي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن، بلوچستان جا شاگرد جديد تعليم ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي جون مهارتون حاصل ڪري ملڪ ۽ قوم ??ي تقدير بدلائڻ جي صلاحيت رکن ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار هن بلوچستان ريذيڊنشل ڪاليج، خ??دار جي شاگردن سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن سومر تي ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي، صدر عارف علوي چي?? ته شاگرد پاڻ کي جديد علم ۽ آءِ ٽي مهارت سان ليس ڪري ملڪي تقدير بدلائي سگهن ٿا، شاگرد تعليم تي ڌيان ڏئي ملڪي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن، هن چي?? ته حڪومت صوبي جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي تي خصوصي ڌيان ڏئي رهي آهي، بدقسمتي سان ماضي ۾ بلوچستان ??ي ترقي کي نظرانداز ڪيو ويو، هن چي?? ته بلوچستان ۾ تعليم جي شعبي جي سهولتن کي ترقي کي ترجيح ڏني پئي وڃي، صدر عارف علوي چي?? ته اقتصادي راهداري، گوادر پورٽ ??ي تڪميل سان روزگار سان گڏ صوبي ۾ خوشحالي ايندي. صدر بلوچستان جي مختلف علائقن خضدار ۽ لورالائي ۾ ريذيڊنشل ڪاليجز جي قيام تي بلوچستان حڪومت جي واکاڻ ڪئي، هن چي?? ته اه?? اميد ڪري ٿ?? ته ريذيڊنشل ڪاليجز صوبي ??ي تعليمي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا.