لاهور – 24 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته عورت کي سڀ کان پهرين وراثت ۾ حصو اسلام ڏنو آهي جيڪو ان کان ڪير به ڇني نٿو سگهي، موجوده ??ڪو??ت به عورتن کي بااختيار بڻائڻ سميت کين قومي ڌارا ۾ آڻڻ لاءِ پرعزم آهي، ان لاءِ پنجاب ??ڪو??ت عورتن کي جائيداد ۾ حصو ڏيڻ جي حوالي ??ان قانونسازي ڪئي آهي. هو مقامي هوٽل ۾ ”عورتن جي حراسگي“ جي موضوع تي منعقد قومي سيمينار کي خطاب ڪري رهيو هو. ان موقعي تي وفاقي محتسب نبيله خان، اسيمبلي ميمبر، مختلف اين جي اوز ۽ انساني حقن جي تنظيمن جون نمائنده عورتون ۽ ٻيا ماڻهو به موجود هئا. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته عورتن کي جائيداد ۾ حصو ڏيڻ جي حوالي ??ان پنجاب ??ڪو??ت جي قانونسازي خوش آئنده آهي ۽ ان تي مڪمل عملدرآمد ٿيڻ گهرجي ته جيئن اه?? سمورو مرحلو قانون جي دائري ۾ رهندي ٿيڻ گهرجي، اه?? نه ٿيڻ گهرجي ته توهان جائيدادن ۾ پنهنجو حصو وٺڻ لاءِ هٿياربند ماڻهو گڏ وٺي اچو. هن چيو ته ا??ان جي ملڪ ۾ جائيداد جا تڪرار معمول جي ڳالهه آهن، هن چيو ته آئون به اهڙن متاثرن ۾ شامل آهيان پر آئون قانون موجب پنهنجو حصو حاصل ڪرڻ تي يقين رکان ٿو، بهر حال عورتن کي جائيداد ۾ حصو ڏيڻ ا??ان جي ديني ۽ معاشرتي ذميداري آهي. صدر چيو ته هن اسٽيٽ بئنڪ سميت ٻين مالياتي ادارن ??ان عورتن کي بااختيار بڻائڻ ۽ قومي ڌارا ۾ آڻڻ جي غرض ??ان معاشي ۽ اقتصادي طور تي مستحڪم ڪرڻ جي حوالي ??ان ڳالهه ٻولهه ڪئي ته ادارن پاران مون کي ٻڌايو ويو ته ??ڪو??ت عورتن کي معاشي طور تي مضبوط ۽ بااختيار بڻائڻ لاءِ آ??ان ترين شرطن تي قرض جاري ڪرڻ جو پروگرام باقاعده شروع ڪري رکيو آهي. عارف علوي چيو ته مون کي اه?? ٻڌي حيراني ٿي ته ??ڪو??ت پاران فنڊز فراهم ڪيا ويا آهن پر عورتون ان مان فائدو کڻڻ لاءِ بئنڪن يا لاڳاپيل ادارن جو رخ نه ڪري رهيون آهن. هن اسيمبلي جي عورت ميمبرن کي مخاطب ٿيندي چيو ته هو ان سلسلي ۾ عورتن جي اصلاح ڪن ۽ انهن ۾ شعور اجاگر ڪن ته هو ??ڪو??ت جي ڪامياب جوان پروگرام مان فائدو کڻن ڇو ته اه?? پروگرام صرف مردن لاءِ ئي ناهي پر ان ۾ عورتون به شامل آهن. هن چيو ته عورتون ملڪ جي ڪل آبادي جو اڌ آهن ان لاءِ کين هر شعبي ۾ برابري ۽ مساوات جو حق حاصل آهي جڏهن ته ??ڪو??ت صنفي امتيازي جي هر سطح تي حوصلا شڪني ڪندي آهي. عورتن جي حجاب جي حوالي ??ان صدر ڀارتي صح??في ارون ڌتي راءِ جو حوالو ڏنو جنهن عورتن جي حجاب پائڻ جي مخالفت ڪندڙن تي تنقيد ڪئي آهي ۽ عورتن جي پنهنجي مرضي موجب برقعو يا حجاب پائڻ کي درست قرار ڏنو آهي. عارف علوي چيو ته ڪنهن کي نه ته زبردستي حجاب پارائي سگهجي ٿو ۽ نه ڪنهن جو حجاب لاهي سگهجي ٿو. هن چيو ته عورتن کي بااختيار بڻائڻ وقت جي اه?? ضرورت آهي ۽ معيشت ??ان گڏوگڏ معاشري جي بهتري لاءِ عورتن کي هر شعبي ۾ پنهنجو عملي ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. صدر چيو ته منهنجي علم ۾ اها ڳالهه آئي آهي ته عورتون ??ڪو??ت جي ڪامياب جوان پروگرام مان مستفيد ٿيڻ لاءِ لاڳاپيل بئنڪن ۽ ادارن ??ان رابطو ئي نه ڪري رهيون آهن ۽ صرف ٻه سيڪڙو عورتون قرض کي حاصل ڪرڻ لاءِ رابطو ڪيو آهي جيڪو بي حد آ??ان يا نه هجڻ جي برابر شرطن تي ڏنو پيو وڃي جنهن تي مون کي وڏي حيراني ٿي. هن چيو ته عورتن کي گهرجي ته هو بزنس فزيبلٽي يا ڪاروبار جو پلان جوڙين ۽ ڏسن ته هو قرض جي پئسن مان ڪهڙي طرح پنهنجو روزگار ڪري سگهن ٿيون ۽ ان کانپوءِ هو بئنڪ وڃن يا لاڳاپيل فورم ??ان رجوع ڪري قرض حاصل ڪن ۽ نه رڳو پنهنجي خاندان جي ڪفالت ڪن پر قومي معيشت ۾ پنهنجو حصو وجهن.