اسلام آباد – 18 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان نئين داسو ڊيم جي ??عم??ر لاءِ ڪم ڪندڙ ڪارڪنن ۽ انجنيئرز کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته ملڪي ترقي لاءِ اهو منص??بو انتهائي ا??مي?? رکندڙ آهي، ان سان مستقبل ۾ ملڪ کي سستي بجلي دستياب هوندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن داسو ڊيم جي ??عم??راتي ڪم جو جائزو وٺڻ دوران ڳالهائيندي ڪيو. وزيراعظم زير ??عم??ر ڊيم جي مختلف حصن ۽ ٽنل جو معائنو ڪيو، هن چيو ته اهو هڪ مشڪل ڪم آهي جنهن کي انجام ڏيڻ تي آئون غير ملڪي انجنيئرز سميت سمورن ڪارڪنن کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو. هن چيو ته ان منصوبي سا?? ملڪ کي سستي بجلي ملندي، ان طرح جا منصوبا گهڻو پهرين شروع ٿيڻ گهرجن ها ته جيئ?? ملڪ لاءِ سستي بجلي دستياب ٿئي ها. جهڙي طرح منگلا ۽ تربيلا ما?? ملڪ کي سستي بجلي حاصل ٿي ۽ پاڪستان جي صنعتن کي ان مان فائدو کڻڻ جو موقعو مليو ۽ ملڪ ترقي طرف گامزن ٿيو، وزيراعظم چيو ته معيشت بهتر ٿي رهي آهي، ملڪ تيزي سا?? اڳتي وڌي رهيو آهي.