اسلام آباد – 05 جون (اي پي پي) برطانيا جي وزيراعظم بورس جانس ماحوليات جي عالمي ڏينهن 2021ع جي ميزباني ڪرڻ تي پاڪستان کي مبارڪباد ڏيندي وزيراعظم عمران خان جي قيادت تي ٽين بلين ٽري سونامي جهڙن منصوبن کي قدرتي ماحول جي تحفظ ۽ بحالي طرف اهم اڳڀرائي قرار ڏنو آهي. ماحوليات جي عالمي ڏهاڙي جي تقريب ۾ پنهنجي وڊيو پيغام ۾ هن چيو ته قدرتي ماحول جو تحفظ سڀني جي گڏيل ذميداري آهي، هن چيو ته اڄ پوري دنيا کي ڪورونا وائرس جي وبا درپي?? آهي، اها وبا دراصل ان سلوڪ جو رد عمل آهي ج??ڪو انسانن قدرتي ماحول سان روا ??کيو آهي، هن چيوته آلودگي ۽ غير معياري طرز عمل ماحوليات کي تمام گهڻو نقصان پهچايو آهي، موسمياتي تبديليون ان جو نتيجو آهن ۽ اڄ پوري دنيا انهن تبديلين جي من??ي اثرن جي زد ۾ آهي.