ترجمو: عدنان کوکر
چين – 14 – مارچ (اي پي پي) پاڪ چين اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) منصوبي تي خوش اسلوبي سان اڳڀرائي جي ڪري پاڪستان ايندڙ ڏينهن ۾ وسيع پئماني تي م??اشي سرگرمين جي اميد رکي ٿو. چين جي حڪومت جي شاندار بيلٽ اينڊ روڊ انيشيٽو (بي آر آئي) جي ڪري پاڪستان علائقائي اقتصادي سرگرمين ۾ اهم ڌر بڻجي ويو آهي. هن منصوبي سان نه رڳو واپار ذريعي اربين ڊالر جي آمدني ٿيندي پر انفراسٽرڪچر جي ترقي، بجلي جي پيداوار، چرپر، ريلويز، زراعت، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۽ سياحت جي شعبن ۾ منصوبن کانسواءِ هزارين مقامي م??ڻهن کي روزگار جا موقعا ملندا. سي پيڪ تحت پاڪستان ۽ چين جي گڏيل منصوبي ذريعي سڄي ملڪ ۾ خصوصي اقتصادي زونز قائم ڪرڻ اهم حيثيت رکن ٿا. ان منصوبي جي اهميت کي نظر ۾ رکندي ڪيترن ئي ??ين ملڪن پڻ ان ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ دلچسپي جو اظهار ڪيو آهي.
پاڪ چين اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) جو ٻيو مرحلو شروع ٿيڻ کانپوءِ اقتصادي سرگرمي زور شور سا?? جاري آهي جيڪو گهڻو اقتصادي تعاون تي ٻڌل آهي. جڏهن ته خصوصي اقتصادي زونز پاڪ چين اقتصادي لنگهه منصوبي تحت تعمير ڪيا پيا وڃن جن جو بنيادي مقصد چيني صنعت ۽ سيڙپڪاري کي راغب ڪرڻ آهي پر ٻئي ??لڪ اڳ ۾ ميگا پراجيڪٽ ۾ ٽئين ڌر جي شرڪت جي آڇ ڪري چڪا آهن. سعودي عرب، قطر، ايران، وچ اوڀر جي ملڪن ۽ ڪجهه يورپي ملڪن سميت ڪيترن ئي ??لڪن اڳ ۾ ئي صنعتي زونز ۾ خصوصي طور تي سيڙپڪاري ڪرڻ ۾ دلچسپي ظاهر ڪئي آهي. سي پيڪ ۾ ٽئين ڌر جي شموليت سمورين ڌرين جي لاءِ هڪ جهڙي فائديمند آهي ڇو ته ان سان پرڏيهي ڪمپنين کي پاڪستان حڪومت جي پيش ڪيل منافعو ڏيندڙ سهولتن مان فائدو کڻڻ سان گڏوگڏ پنهنجي ڪاروبار کي هٿي ڏيڻ ۾ مدد ملندي ۽ ان سان گڏ ئي ??اڪستان کي ممڪن عالمي منڊي ۾ پنهنجو روانگي واپار وڌائڻ ۾ مدد ملندي.
چيني عملدارن پڻ سي پيڪ ۽ خصوصي اقتصادي زونز ۾ وسيع تر شرڪت جي اهميت کي تسليم ڪيو آهي. گوادر فري زون کانسواءِ سي پيڪ تحت ڪل 9 خصوصي اقتصادي زون جي منصوبابندي ڪئي ??ئي آهي جن ۾ سنڌ، پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جا چار ترجيحي زون بشمول ڌاٻيجي، علامه اقبال انڊسٽريل سٽي، رشڪئي اڪنامڪ زون ۽ بلوچستان ۾ بوستان اڪنامڪ زون شامل آهن. سي پيڪ جو مقصد معاشي ۽ واپاري م??اذن تي پاڪستان جي عالمي حيثيت کي م??تحڪم ڪرڻ کانسواءِ ملڪ کي دنيا جي اعليٰ معيشتن ۾ شامل ڪرڻ آهي. ان مقصد کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ وفاقي ۽ صوبائي ??ئي سرڪاري ادارا وزيراعظم عمران خان جي م??حرڪ قيادت ۾ مصروف آهن. 60 ملين ڊالر جي سي پيڪ پراجيڪٽ تحت 53 ارب ڊالر ماليت جي م??تلف منصوبن جي نشاندهي ڪئي ??ئي آهي ۽ لنگهه تحت 25 ارب ڊالر ماليت جا 17 منصوبا ??ڪمل ٿي چڪا آهن جڏهن ته 19 منصوبا تعمير هيٺ آهن ۽ تاريخي ايم ايل ون ريلوي پراجيڪٽ سميت وڌيڪ 28 منصوبا ??نصوبابندي ۽ منظوري جي م??تلف مرحلن ۾ آهن. انهن منصوبن ۾ ٽي حصا رقم چيني سيڙپڪاري تي ٻڌل آهي جيڪا چيني قرضن جي ڄار جي عالمي پروپئگنڊه جي نفي ڪري ٿي.
منصوبابندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن واري پارلياماني سيڪريٽري ڪنول شوزب ”اي پي پي“ کي ٻڌايو ته ملڪ جي م??تلف علائقن ۾ سي پيڪ تحت 9 مان 4 اڪنامڪ زون تي ڪم جاري آهي. هن چيو ته انهن زونز ۾ شروع ڪيل خصوصي م??اشي سرگرميون ملڪ ۾ معيشت جي م??موعي صورتحال کي م??تحڪم ڪرڻ کانسواءِ لکين اڻ سڌي ۽ سڌي روزگار جي موقعن ۾ اضافو ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿينديون. هن چيو ته اسا?? جا چيني هم منصب صنعتي ترقي ۾ اسان جي تمام گهڻي م??د ڪري رهيا آهن پر مقامي م??ڻهو به سي پيڪ تحت ملڪ جي ترقي لاءِ گڏجي ڪم ڪري رهيا آهن. پارلياماني سيڪريٽري سي پيڪ تحت 5 شعبن جي نشاندهي ڪئي جن سان ماڻهن جي زندگي تي سڌوسنئون يا اڻ سڌي طرح مثبت اثر پوندا جن ۾ رابطي، توانائي جا منصوبا، وزيراعظم جو صاف سٿرو ۽ سرسبز منصوبو، سماجي ۽ اقتصادي ترقي شامل آهن. هن ٽئين ڌر جي سي پيڪ ۾ شموليت جي ??جي??ن ڪندي چيو ته جيڪڏهن سعودي عرب، آمريڪا ۽ ٻيا اولهه ملڪ خصوصي اقتصادي زونز ۾ سيڙپڪاري ڪن ٿا ته اهو پوري خطي ۽ ان کان اڳتي جي علائقن ۾ گيم چينجر ثابت ٿيندو. هن ٻڌايو ته قطر کي به گهرايو ويو آهي ۽ اهو ملڪ ڊگهو رستو اختيار ڪرڻ بدران مختلف ملڪن کي م??يع قدرتي گئس جي فراهمي جي لاءِ سي پيڪ جي م??تصر رستي جي چونڊ ڪري سگهي ٿو.
فيڊريشن آف پاڪستان چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري، ڪيپيٽل آفيس جي چيئرمين قربان علي چيو ته سي پيڪ پاڪستان جي لاءِ گيم چينجر آهي، وڌيڪ ملڪن جي شرڪت سان ايس اي زيز ۾ وسيع تر سرگرمي سان انهن زونز ۾ معاشي سرگرمي کي وڌيڪ فروغ ملندو. هن چيو ته جيڪڏهن سعودي عرب، آمريڪا ۽ ٻين اولهه ملڪن جون ڪمپنيون پاڪستان جي خصوصي اقتصادي زون ۾ سيڙپڪاري ڪن ٿيون ته سي پيڪ کي وڌيڪ سگهه ملندي ۽ اهو سڀني جي لاءِ هڪ جهڙو ڪارائتو ثابت ٿيندو. هن چيو ته گوادر بندرگاهه شهر عالمي بندرگاهه شهرن جهڙوڪ دبئي کي پٺتي ڇڏڻ جي صلاحيت رکي ٿو ڇو ته ان کي هڪ طرف ايران، ترڪيءَ ۽ وچ اوڀر ملڪن سميت پوري خطي ۽ ٻئي طرف افغانستان، چين، وچ ايشيائي رياستن ۽ ان کانسواءِ يورپ سان ڳنڍي سگهجي ٿو.
هن وڌيڪ چيو ته سي پيڪ کي واخان لنگهه سان پڻ ڳنڍي سگهجي ٿو جيڪا 76 ڪلوميٽر ڊگهي سرحد آهي ۽ نه رڳو افغانستان پر وچ ايشيائي رياستن تائين پڻ پهچ جي لاءِ لنگهه آهي. وچ ايشيائي رياستن تائين پهچڻ جي لاءِ اسان کي ان مختصر رستي م??ن پوري طرح فائدو کڻڻ جي ضرورت آهي. هن وڌيڪ چيو ته حڪومت پاران سي پيڪ تحت خصوصي زونز ۾ سيڙپڪاري ڪندڙ صنعتڪارن جي لاءِ پيش ڪيل سهولتون انتهائي ??نافعو ڏيندڙ آهن ۽ هاڻي نه رڳو مقامي پر غيرملڪي صنعتڪار پڻ علامه اقبال انڊسٽريل پارڪ فيصل آباد، رشڪئي ۽ ٻين اقتصادي زونز ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ تي راضپي جو اظهار ڪري رهيا آهن. هن چيو ته سي پيڪ جي گيٽ وي هجڻ جي لحاظ کان گلگت بلتستان (جي بي) انتهائي اهميت رکندڙ آهي ۽ صنعتي ترقي ۽ ماڻهن جي ڀلائي ??اءِ ان خطي تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. حڪومت گلگت بلتستان ۾ مقفنداس زون جي لاءِ زمين مخصوص ڪئي آهي ۽ ان جڳهه تي اڪنامڪ زون کي ترجيحي طور تي ترقي ڏيڻ جي ضرورت آهي ته جيئن ان علائقي جا ماڻهو به ملڪ ۾ مجموعي ترقياتي عمل مان فائدو کڻي سگهن. جيئن ته سي پيڪ جي ذريعي ڪيترن ئي ??نصوبن تي ڪم جاري آهي، هاڻي وقت اچي ويو آهي ته ترقياتي ڪمن کي وڌيڪ تيز ڪيو وڃي ته جيئن عوام جلد کان جلد ان ميگا پراجيڪٽ جي ثمرن مان فائدو کڻي سگهي.
ڪوويڊ – 19 جي ڪري قيمتن ۾ اضافي ۽ عالمي م??اشي ٻاڙائي جي ڏس ۾ پڻ سي پيڪ منصوبن جي اهميت ۾ ڪيترائي ڀيرا اضافو ٿي ويو آهي. سي پيڪ منصوبن تي تيزي سان عملدرآمد سان وڏي تبديلي اچي ويندي ۽ سستيون شيون ۽ جنسون ۽ روزگار جي فراهمي جي لحاظ کان عوام جي زندگين ۾ سهولت ۽ نمايان تبديلي ايندي.