اسلام آباد – 03 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز سان پاڪستان فلم پروڊيوسرز ايسوسيئيشن جي وفد ملاقات ڪئي. وفد اطلاعات واري وزير کي فلمي صنعت کي درپيش مسئلن بابت تفصيلي آگاهه ڪندي چيو ته فلمسازي کي بهتر بڻائڻ چاه??ون ٿا، ان ڏس ۾ حڪ??مت جو تعاون گهر??ل آهي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته فلمي صنعت جي ترقي ۽ بحالي پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪ??مت جي ترجيح آهي. هن چيو ته ٻين ادارن ??انگر ان شعبي کي به نئين دور جي گهرجن کان هم آهنگ هجڻ گهرجي، جيڪي ادارا پاڻ کي جديد گهرجن کان هم آهنگ نه ٿا ڪن اهي اهميت وڃائي ويهن ٿا، حڪ??مت فلمي صنعت جي فروغ لاءِ سازگار ماحول جي فراهمي لاءِ پرعزم آهي.