اسلام آباد – 23 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ڪورونا وبا جي ڦهلاءُ کي روڪڻ ۽ عام ماڻهن جي زندگين کي محفوظ بڻائڻ جي لاءِ سمورا ممڪن قدم کڻڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته پاڪستان ڪورونا جي پهرين مرحلي ۾ قابل ت??ليد حڪمت عملي ۽ وقت سر فيصلن سا?? وبا تي ضابطو آندو جنهن کي دنيا ساراهي رهي آهي، هاڻي اسان کي ٻئي مرحلي ۾ به سنجيدگي، توازن ۽ احتياط جو دامن هرگز نه ڇڏڻ گهرجي. هو ملڪي سطح تي ڪورونا جي مجموعي صورتحال جي حوالي سا?? اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو.