اسلام آباد – 11 آڪٽوبر (اي پي پي) منصوبابندي، ترقي ۽ سڌارن واري وفاقي وزير اسد عمر ملڪ ۾ ڪورونا وائ??س جي وڌندڙ ڪيسن تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته حڪومت وائ??س جي ڦهلاءُ کي روڪڻ جي لاءِ سمارٽ لاڪ ڊائون جي پاليسي ٻيهر لاڳو ڪري ڇڏي آهي. هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته گذريل 6 هفتن ۾ مثبت ڪيسن جو سراسري 2 سيڪڙو هو جڏهن ته گذريل هفتي اها شرح 2 سيڪڙو کان وڌ?? وئي آهي، جيڪا ڳڻتي جوڳي ڳالهه آهي.