اسلام آباد – پهرين آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر ??ارف علوي عيدالاضحيٰ جي موقعي ??ي پوري قوم ۽ اسلامي دنيا کي مبار??با?? ڏيندي چيو آهي ته مقصد حاصل ڪرڻ ۾ هر قسم جي قرباني جي لاءِ تيار رهڻ ئي ڪاميابي جي ڪنجي آهي، عوام ڪورونا وائرس کان بچاءُ جي تدبيرن کي هرگز نظرانداز نه ڪري، قرباني جي عيد جي هن موقعي ??ي قرباني جي جذبي سان سرشار ٿي غريبن ۽ ضرورتمندن جي وڌي چڙهي مدد ڪئي وڃي. اها ڳالهه هن عيدالاضحيٰ جي موقعي ??ي قوم جي نالي پنهنجي پيغام ۾ چئي آهي. صدر عيدالاضحيٰ جي خوشي جي موقعي ??ي پوري پاڪستاني قوم ۽ اسلامي دنيا کي مبار??با?? ڏيندي چيو آهي ته خوشي جو هي موقعو اسان جي زندگي ۾ خوشيون ۽ ڪاميابيون کڻي ايندو. صدر چيو ته الله تعاليٰ پنهنجي برگزيده ماڻهن کي مختلف امتحانن ۾ وجهي آزمايو، اهي بزرگ هستيون انهن امتحانن ۾ پوري طرح سرخرو ٿيون، آزمائش ۽ امتحان جي صورتحال ۾ ثابت قدم رهڻ گهرجي، مقصد حاصل ڪرڻ ۾ هر قسم جي قرباني لاءِ تيار رهڻ ئي ڪاميابي جي ڪنجي آهي.