اسلام آباد – 02 – سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار هڪ خوشحال معاشري جي جوڙجڪ جي لاءِ تع??يم کي اهميت ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ايندڙ نسلن جي روشن مستقبل جي لاءِ تع??يم جي شعبي ۾ ڀرپور ڪوششون ڪرڻ گهرجن. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان فارن آفيس وومينز ايسوسيئيشن جي سرٽيفڪيٽ ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. نائب وزيراعظم چيو ته موجوده حڪومت ان سلسلي ۾ تمام گهڻيون ڪوششون ڪري رهي آهي ۽ هلندڙ مالياتي بجيٽ ۾ ان تع??يم جي شعبي جي لاءِ وڏي رقم رکي آهي. هن تع??يم حاصل ڪرڻ جي اهميت بابت اسلامي تع??يمات جو پڻ حوالو ڏنو. نائب وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته انساني امداد ۽ مدد جي لاءِ وقف ٻين تنظيمن ۽ ادارن کي پڻ ماڻهن کي درپيش مالي، صحت ۽ تع??يم جي مسئلن تي ڌيان ڏيڻ گهرجي جن کي پاڪستان فارن آفيس وومينز ايسوسيئيشن جهڙين تنظيمن جي ذريعي قائم ڪيل مثالن تي عمل ڪرڻ جي ضرورت آهي. محمد اسحاق ڊار ع??امي ڀلائي جي لاءِ پاڪستان فارن آفيس وومينز ايسوسيئيشن جي تعاون کي پڻ ساراهيو ۽ چيو ته کيس اهو ڄاڻي خوشي ٿي ته ايسوسيئيشن ضرورتمند ۽ مستحق ماڻهن جي مدد جي لاءِ پليٽ فارم ??ي طور تي ڪم ڪري رهي آهي. هن چيو ته تنظيم شاگردن کي ماسٽرز ۽ پي ايڇ ڊي جي تع??يم کا??سواءِ اسڪالرشپ فراهم ڪرڻ ۾ مدد فراهم ڪري رهي آهي جيڪو نه رڳو هڪ بهتر قدم آهي پر انسانيت جي حقيقي خدمت آهي جنهن جو آخرت ۾ بي پناهه اجر آهي. نائب وزيراعظم ان ڳالهه تي اطمينان ۽ خوشي جو اظهار ڪيو ته وزارت ۾ اهڙي سوچ موجود آهي جيڪا هڪ خاندان وانگر آهي. پاڪستان فارن آفيس وومينز ايسوسيئيشن بيواهن ?? اقليتن کي ڪيترين ئي اسڪالرشپ ۽ ٻي مالي امداد کا??سواءِ ٻارن کي اسٽيشنري ۽ اسڪول بيگ فراهم ڪيا آهن جڏهن ته ان قدرتي آفتن کا?? متاثر ع??ائقن جي لاءِ پڻ تعاون ڪيو آهي. نائب وزيراعظم چيو ته 2020ع دوران هن يتيمن جي ڪفالت جي لاءِ ٻه تنظيمون قائم ڪيون جتي 100 جي لڳ ڀڳ ٻار تع??يم حاصل ڪري رهيا آهن جڏهن ته ٻيو ادارو تع??يم ۽ صحت جي شعبن ۾ مدد فراهم ڪري رهيو آهي.