اسلام آباد – 24 مئي (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ ق??مي ورثي واري وفاقي وزير سينيٽر پرويز رش??د چيو آهي ته پاڪ چين اقتصادي لنگهه منصوبو ترقي ۽ خوشحالي جو لنگهه ٿابت ٿيندو، پاڪستان گوادر جي ترقي سان گڏوگڏ خطي ۾ ٻيون بندرگاهون قائم ڪرڻ جي به آج??ان ڪنداسين، پاڪ چين لاڳاپا ٻنهي ملڪن جي عوام نه هڪ ارب ماڻهن جا لاڳاپا آهن. پاڪستان براڊڪاسٽنگ ڪارپوريشن (پي بي سي) ۾ پاڪستان ۽ چين جي سفارتي لاڳاپن جي 65 ه??ن سالگرهه جي موقعي تي اطلاعات، نشريات ۽ ق??مي ورثي واري وزارت جي اهتمام هيٺ ”پاڪستان ۽ چين آئرن برادرز“ جي عنوان سيمينار سان خطاب ڪندي هن چيو ته اقتصادي لنگهه منصوبي سان ماڻهن جي لاءِ روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا، ترقي جا چشما جاري ٿيندا جنهن سان انسانيت کي فائدو ٿيندو.