اسلام آباد – 18 اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته موجوده حڪومت ڳالهين تي يقين رکي ٿي ۽ ڪا به ڪالع??م تنظيم حڪمران پارٽي کي بليڪ ميل نه ٿي ڪري سگهي، حڪومت مسئلن کي حل ڪر?? جي لاءِ ڳاله??ن جو سلسلو جاري رکندي. نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي هن چيو ته ڪالع??م تنظيم جي منفي پروپئگنڊه مايوس ڪندڙ آهي، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ڪالع??م تنظيم جي مظاهر??ن جي خلاف ڪارروائي ڪئي جنهن نوان ڪوٽ پوليس اسٽيشن تي حملو ڪيو هو. چوڌري فواد حسين چيو ته مظاهرين پاران اغوا ڪيل پوليس اهلڪارن جي ب??زي??بي جي لاءِ ڪارروائي ڪئي وئي هئي، ڪنهن کي به حڪومت جي رٽ ک?? چئلينج ڪر?? جي اجازت نه ڏني ويندي. تحريڪ انصاف ۾ جهانگير تر??ن جي ڪردار تي تبصرو ڪندي هن چيو ته جهانگير ترين اڃا به پي ٽي آءِ جو ميمبر آهي. احتساب جي عمل بابت وفاقي وزير چيو ته احتساب بابت قومي ادارا بنا ڪنهن فرق ۽ آزاداڻي طور تي ڪم ڪري رهيا آهن.