ڪراچي – پهرين آڪٽوبر (اي پي پي) سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل سان وزيراعظم جي خاص مددگار ۽ سي پيڪ اٿارٽي جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) عاصم سليم باجوه گورنر هائوس ۾ ملاقات ڪئي، گورنر هائوس مان جاري بيان موجب ملاقات سي پيڪ تحت سنڌ صوبي ۾ جاري منصوبن، انهن جي جلد کان جلد تڪميل تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي و??ي ۽ ڪراچي سرڪلر ريلوي، ٿر جي ڪوئلي مان بجلي ٺاهڻ جي لاءِ چيني سيڙپڪاري ??ي به ڳالهه ٻولهه ڪئي و??ي، ملاقات ۾ گڏي?? دلچسپي جا ٻيا معاملا به غور هيٺ آيا.