اسلام آباد – 02 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت جي اولين ترجيح آهي ته سبسڊيز جي نظام کي منظم ۽ موثر بڻايو وڃي ته جيئن سرڪاري خزاني مان ڏنل امداد نه رڳو مستحقن تائين پهچي پر ان مان گهربل نتيجا حاصل ٿين، نظام ۾ بهتري جي لاءِ هر م??ڪن ڪوشش ڪ??ي وڃي ته جيئن ان حوالي سان عوامي مفادن ۾ فيصلا ڪري انهن تي عملدرآمد ڪري سگهجي، هو هتي حڪومتي سبسڊيز جي نظام کي منظم ۽ موثر بڻائڻ جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو، اجلاس ۾ اطلاعات ۽ نشريات وارو وزير سينيٽر شبلي فراز، صنعت وارو وزير حماد اظهر، ??اڻ?? وارو صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ، اداره جاتي سڌارن وارو صلاحڪار ڊاڪٽر عشرت حسين، خاص مددگار شهباز گل، خاص مددگار ڊاڪٽر ثانيه نشتر، ??اڻ?? وارو سيڪريٽري نويد ڪامران، اڳوڻو ??اڻ?? وارو سيڪريٽري ڊاڪٽر وقار مسعود ۽ ٻين سينئر آفيسرن شرڪت ڪئي، ??اڻ?? واري اڳوڻي وزير شوڪت ترين، حبيب بئنڪ جي چيئرمين سلطان علي الانا، عارف حبيب ۽ ڊاڪٽر اعجاز نبي به وڊيو لنڪ جي ??ري??ي اجلاس ۾ شريڪ ٿيا.