اسلام آباد – 28 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان پوسٽ کي 45 ڏينهن اندر معذور رٽائرڊ مل??زم جي پٽ کي ڀرتي ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب سکر جي رهواسي محمد شاهد پاڪستان پوسٽ آفيس ڊيپارٽمينٽ ط??فا?? معذور مل??زمن جي ڪوٽا تي پٽ جي ڀرتي جي درخواست وڏي عمر جي بهاني رد ڪرڻ تي وفاقي محتسب ۾ شڪايت جمع ڪرائي هئي، صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاران معمولي غذر تي معاملي کي ڏکيو بڻائڻ ۽ مل??زمت نه ڏيڻ تي کاتي جي ڪن مهٽ ڪئي وئي، صدر معاملي کي حل ڪرڻ ۾ غير معمولي دير تي ن??را??گي جو اظهار ڪيو، صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته هڪ معمولي عذر تي هڪ معذور شخص جي معاملي کي ڏکيو ڪرڻ افسوسناڪ آهي، معذور ماڻهن جي خلاف امتيازي سلوڪ جهڙن نامناسب روين جي حوصلا شڪني ڪرڻ گهرجي، صدر پوسٽ آفيس ڊپارٽمينٽ کي معذور مل??زمن جي ٻارن کي ڏنل نوڪرين جا تفصيل فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.