اسلام آباد – 22 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته گئس جي محدود وسيلن جي ڪري پيدا ٿيندڙ صورتحال خاص طور تي مستقبل تي نظر رکندي فوري طور تي ج??مع منصوبابندي جي ضرورت آهي، گ??س بابت معاملن جو تعلق ڪنهن هڪ شعبي يا علائقي سان نه پر پوري ملڪ جو معاملو آهي، اهي سمورا معاملا مفادن جي ڪائونسل جي سامهون رکنداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن گئس جي شعبي بابت معاملن جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ ملڪ ۾ گئس جي گهرج ۽ پهچ، گئس انفرااسٽرڪچر، گئس جي شعبي ۾ درپيش مسئلن ۽ مستقبل جي ضر??رت?? کي نظر ۾ رکندي لائحه عمل جي حوالي سان تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، خاص معاون نديم بابر ملڪي سطح تي گئس جي پيداوار، ملڪي ضر??رت??، درآمد ٿيل گئس جي مق??ار، قيمت ۽ مستقبل جي ضر??رت?? کي نظر ۾ رکندي گهرج ۽ پهچ جي ڪاٿي ت?? تفصيلي بريفنگ ڏني، وزيراعظم اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته گئس جي شعبي ۾ هڪ طرف وڌندڙ گهريلو ۽ صنعتي شعبي جون ضر??رت??ن ۽ ٻي طرف مق??مي طور تي موجود گئس جي محدود ذخيرن سبب پيدا ٿيندڙ صورتحال خاص طور تي ويجهي مستقبل جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي فوري طور تي ج??مع منصوبابندي جي ضرورت آهي.