اسلام آباد – 16 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ هائوسنگ، تعميرات ۽ ترقي بابت قومي را??طا ڪميٽي جو ٻيو ??جلاس ٿيو. اها ڳالهه وزيراعظم آفيس پاران جاري بيان ۾ ٻڌائي وئي. اجلاس ۾ تعميراتي شعبي جي لاءِ حڪومت پاران اعلان ڪيل تازي مراعتي پيڪيج تي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو، وزيراعظم هائوسنگ، تعميرات ۽ ترقي سان قومي را??طا ڪميٽي جوڙي هئي، جنهن جو پهريون اجلاس سندس صدارت ۾ 10 جولاءِ تي ٿ??و، ان ڪميٽي جي قيام جو مقصد تعميراتي شبعي بابت قانونن کي آسان بڻائڻ ۽ قرضن جي فراهمي جي عمل ۾ آساني پيدا ڪر?? ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪر?? آهي.