اسلام آباد – 13 مارچ (اي پي پي) نيشنل سيڪيورٽي ڪائونسل طورخم، تفتان، چمن ۽ سوست سميت سرحدي ع??ائ??ن کي 15 ڏينهن لاءِ بند ڪرڻ ۽ عوامي ميڙن کي محدود ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي،جڏهن ته عالمي اڏام??ن صرف اسلام آباد، ڪراچي ۽ لاهور ايئرپورٽس ت?? اچي سگهنديون ۽ ايئرپورٽس ت?? حفاظتي انتظامن کي وڌيڪ موثر بڻائڻ لاءِ قدم کنيا ويندا، پاڪستان جي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته نيشنل سيڪيورٽي ڪائونسل جي اجلاس ۾ ڪرونا وائرس جي صورتحال تي غور ويچار ڪيو ويو، وزيراعظم عوام کي عالمي چئلينج کي نظر ۾ رکندي حفاظتي قدم اختيار ڪرڻ ۽ عوامي ميڙن ۾ وڃڻ کان پاسو ڪرڻ جي اپيل ڪئي ??هي.