اسلام آباد – 16 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي مع??ون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته حڪومت نواز شريف جي صحت تي هر مرحلي تي آساني فراهم ڪئي، حڪومت نواز شريف جي صحت جو مع??ملو ڪابينا ۾ کڻ?? و??ي، افسوس ان ڳالهه جو آهي ته شوئرٽي بانڊ ت?? و??ويلا ڪئ?? و??ي، وزيراعظم جي ڪوششن سان ملڪ مع??شي استحڪام طرف وڌي رهيو آهي، مع??شي ٽيم جي محنت ۽ جذبي سان معيشت کي پنهنجي پيرن تي بيهاريو ويو آهي، نواز شريف جي حوالي جيڪو فيصلو آيو آهي ان ۾ به عدالت شوئرٽي گهري آهي جيڪو وڌيڪ آئيني ۽ قانوني حلفنامو آهي، شريف خاندان حڪومت جي خيرسگالي جي جذبي کي ساراهڻ بدران الزام بازي شروع ڪري ڇڏي، نواز شريف جو انساني ۽ قانوني مسئلو آهي سياسي نه بڻايو وڃي، شريف خاندان سدائين پنهنج?? و??عدن جي خلاف ورزي ڪئي آهي، ماضي ۾ به شريف خاندان پنهنجي ڪيل مع??هدن تان ڦرندو رهيو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اٽارني جنرل انور منصور خان سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو.