اسلام آباد – 09 اپريل (اي پي پي) بزرگ صحافي ۽ قومي خابرو اد??ري ايسوسئيٽيڊ پريس آف پاڪستان (اي پي پي) جو اڳوڻو چيف نيوز ايڊيٽر عثمان حميد خان 73 سالن جي عمر ۾ جمعي ڏينهن لاڏاڻو ڪري ويو جنهن کي عصر جي ن??از کانپوءِ مغليه گارڊن واه جي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو، مرحوم جي جنازي ن??از ۾ رشتيدارن، ساٿين ۽ دوستن شرڪت ڪئي. عثمان حميد پهرين اپريل 1948ع تي روالپنڊي جي ويجهو قصبه واهه ۾ پيدا ٿيو. هن 1968ع ۾ پنجاب يونيورسٽي مان انگريزي ۾ ماسٽرس جي ڊگري حاصل ڪئي ۽ انگريزي اخبار نيوز ٽائيم راولپنڊي ۽ خابرو اد??ري اي پي ??ي کان پنهنجي صحافتي ڪيريئر جو آغاز ڪيو. هو پهرين فيبروري 1977ع تي اي پي ??ي ??ان جڙي ويو. هن قومي خابرو اد??ري ۾ پنهنجي شاندار صحافتي ڪيريئر دوران اهم نوعيت جي رپورٽنگ ۽ ڊيسڪ تي چيف نيوز ايڊيٽر جا فرض سرانجام ڏيڻ کانسواءِ مختلف صدرن ۽ وزيراعظم سميت وي آءِ پي ڪوريج جون ذميداريون به بهترين انداز ۾ نڀ??يو??، جنهن کي قومي اخبارن جي وڏين سرخين ۾ نمايان جڳهه ملي. هن ڪيريئر دوران ڊپلوميٽڪ ڪارسپانڊنٽ طور به فرض سرانجام ڏنا، سندس شاندار صحافتي خدمتن تي انٽرنيشنل آرگنائيزيشن آف جرنلسٽس جي اهمتام هيٺ عالمي صحافتي مقابلي ۾ ايوارڊ سان به نوازيو ويو. هُو پنهنجي پيشيوراڻي مهارت، شفيقاڻي رويي جي بنياد تي ن?? رڳو اي پي پي پر صحافتي برادري ۾ قابل احترام حيثيت رکندو هو، هو 31 مارچ 2008ع تي قومي خابرو اد??ري مان رٽائر ٿيو.