اسلام آبا?? – 19 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ ڪورونا ويڪسين حاصل ڪرڻ جي حوالي سان قائم ڪابينا ??مي??ي جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ صنعت واري وفاقي وزير محمد حماد اظهر، منصوبابندي واري وفاقي وزير اسد عمر، وزيراعظم جي صحت واري خاص معاون ڊاڪٽر فيصل سلطان ۽ سماجي ڀلائي واري خاص معاون ڊاڪٽر ثانيه نشتر شرڪت ڪئي. ??مي??ي جي ميمبرن وزيراعظم کي بريفنگ ڏني ته گذريل ڪجهه ڏينهن ۾ ٻه ويڪسينز جي ايمرجنسي استعمال جي منظوري ڏني وئي آهي. ان کانسو??ءِ وڌيڪ ويڪسينز جي منظوري جي ل??ءِ قدمن کي فاسٽ ٽريڪ ڪيو پيو وڃي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته منظور ٿيل ٻن ويڪسينز کي حاصل ڪرڻ جي ل??ءِ قدم جاري آهن ۽ هن سال جي پهرين ٽه ماهي ۾ ويڪسينز جي فراهمي کي يقيني بڻايو ويندو.