اسلام آباد – 20 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته تعميراتي ڪم ۾ تيزي سان ملڪي معي??ت ۾ بهتري ايندي ۽ ماڻهو کي روزگار جا موقعا ميسر ايندا، پنجاب حڪومت تعميراتي ڪم جي حوالي سان مليل درخواستن کي مروج قانون موجب جلد منظور ڪري ۽ تعميراتي شعبي ??اب?? مسئلا فوري حل ڪيا وڃن، اهڙن خيالن جو اظهار هن هائوسنگ، تعميرات ۽ ڊولپمينٽ ??اب?? قو??ي رابطا ڪميٽي جي هفتيوار اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ وزيراعظم جو موسمياتي تبديلي ??اب?? خصوصي صلاحڪار ملڪ امين اسلم، سڌارن وارو صلاحڪار ڊاڪٽر عشرت حسين، سياسي رابطن لاءِ وزيراعظم جي خصوصي صلاحڪار شهباز گل، وفاقي ۽ صوبائي سيڪريٽرين ۽ سينئر آفيسرن شرڪت ڪئي. اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر اجلاس کي آگاهه ڪيو ته بئنڪن پاران نئون پاڪستان هائوسنگ اسڪيم تحت گهرن جي تعمير لاءِ قرض حاصل ڪرڻ ۾ سهولتن جي فراهمي کي يقيني بڻايو پيو وڃي.