اسلام آباد – 07 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان موسمياتي تبديلين جي اثرن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ سمورن لاڳاپيل وفاقي ۽ صوبائي ادارن کي بهتر ڪوآرڊينيشن جي ضرورت تي زور ڏيند?? برساتن ۽ ٻوڏن سان ٿيندڙ نقصانن جو جائزو وٺڻ جي هدايت ڪئي آهي ته جيئن رليف سرگرمين کي وڌيڪ بهتر ۽ نقصانن جو ازالو ڪرڻ جي حوالي سان گڏيل طور تي حڪمت عملي جوڙي سگهجي. هو هتي نيشنل ڪوآرڊينيشن ڪميٽ?? براءِ فلڊز جي اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو، اجلاس ۾ اطلاعات ۽ نشريات وارو وزير سينيٽر شبلي فراز، مواصلات وارو وزير م??اد سعيد، آبي وسيلن وارو وزير م??مد فيصل واوڊا، اين ڊي ايم اي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل محمد افضل، اين ايڇ اي چيئرمين، فلڊ ڪميشن جو چيئرمين، ڊي جي ميٽرو لوجيڪل ڊپارٽمينٽ ۽ ٻيا سينئر آفيس?? شريڪ هئا، صوبائي چيف سيڪريٽريز وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي.