اسلام آباد – 03 جول??ءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ وفاقي گادي واري شهر، پنجاب ۽ خيبرپختونخوا صوبي جي وڏن شهرن جي ماسٽر پلان کي نئي?? سر ترتيب ڏيڻ جي حوالي سان جائزي اجلاس م??عق?? ٿيو. اجلاس ۾ ماحوليات واري صلاحڪار ملڪ امين اسلم، قومي اسيمبلي ميمبر ۽ ماهر ٽائون پلاننگ خيال زمان، نئين پاڪ??تا?? هائوسنگ اٿارٽي جي چيئرمين، هائوسنگ جي سيڪريٽري ۽ ٻين سينئر عملدارن شرڪت ڪئي، جڏهن ته پنجاب جي چيف سيڪرٽري سميت پنجاب ۽ خيبرپختونخوا صوبي جا ا??لي?? عملدار وڊيو لنڪ جي ذريعي اجلاس ۾ شريڪ ٿيا، ان موقعي تي وزيراعظم عمران خان کي وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد، پنجاب ۽ خيبرپختونخوا صوبي جي وڏن شهرن جي ماسٽر پلانز جو حاضر دور جي ضرورتن موجب هم آهنگ ڪرڻ ۽ نئي?? سر جوڙڻ جي حوالي سان هيستائين جي اڳڀرائي تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي.