اسلام آباد – 11 جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي اليڪشن ڪم??شن کي سمورن شعبن خاص طور تي ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي لاءِ ووٽ و??هڻ جي عمل ۾ تيزي آ??ڻ جي هدايت ڪئي آهي. اها هدايت هن ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي ووٽ وجهڻ، بايوميٽرڪ تصديق ۽ ملڪ ۾ اليڪٽرانڪ ووٽنگ نظام بابت جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڏني. اجلاس ۾ منشيات جي خاتمي واري وفاقي وزير محمد اعظم خان سواتي، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪم??ونيڪشن واري سيڪريٽري شعيب احمد صديقي، اليڪشن ڪم??شن جي سيڪريٽري ڊاڪٽر اختر نذّير ۽ صدر جي سيڪريٽري طارق نجيب نجمي شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ اليڪشن ڪم??شن جي سيڪريٽري اختر نذير بريفنگ ڏني.