اسلام آباد – 11 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي وچ ۽ ڏکڻ ايشيا بابت ڊائريڪٽر جنرل وارنرلي پيڪ ملاقات ڪئي، وزيراعظم ميڊيا آف??س پاران جاري ڪيل بيان موجب لي پيڪ حڪومت پاران ملڪ کي در??يش مالياتي خسارو ختم ڪرڻ ۽ معاشي استحڪام لاءِ ٿيندڙ ڪوششن کي سا??اهيو هن پاڪستان ۾ آبي وسيلن خاص طور تي بير??ج تعمير ڪرڻ جي حوالي سان بئنڪ جي فنانشنل انفرااسٽرڪچر پروگرام تحت کنيل قدمن جي باري ۾ وزيراعطم کي آگاهه ڪيو.