اسلام آباد – 10 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته آئون مديني جي رياست جي ماڊل تي ان لاءِ زور ڏيان ٿو ته اسان جي نوجوان نسل کي پن??نج?? تاريخ کان آگاهي ملي ۽ اهي ڏسي سگهن، حضور صه نوجوانن کي سکڻ جو حڪم ڏنو هو، اسان جي تعليمي ادارن ۾ اسلام جي تاريخ بابت نه ٿو ٻڌايو وڃي ان لاءِ نوجوان نسل کي پن??نج?? عظيم رول ماڊلز بابت ڄاڻ نه آهي، جيڪڏهن اسان کي عظيم بڻجڻو آهي ته نبي صه جي زندگي کي رول ماڊل بڻائڻو پوندو. وزيراعظم عمران خان ”مديني جي رياست ۽ اسلام جو تصور، نبوي صه جي تعليم جي روشني ۾“ جي موضوع تي انٽرنيشنل رحمت اللعالمين ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته من??نج?? گهڻي زندگي ٻاهرئين م??ڪ گذري آهي ۽ آئون پاڪستان جي سمورن علائقن ۽ عوام کي ڄاڻان ٿو جڏهن مون زندگي جو سفر شروع ڪيو ته مون کي سم??هه نه هئي، آئون رڳو والد صاحب جي چوڻ تي جمعي ۽ عيد جي نماز پڙهندو هئس، ان کانسواءِ من??نج?? ڪو ايمان نه هو.