اسلام آباد – 09 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته چونڊن ۾ شفافيت لاءِ ٽيڪنالاجي جو استعمال وقت جي اهم ضرورت آهي، اسان جي سياست عمران خان سان ڳنڍيل آهي، پي ٽي آءِ کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ??ه شيهي جي ديوار ثابت ٿينداسين، حڪومت بار ايسوسيئيشنز جي ڀلائي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي ۽ پرعزم آهي، بار ايسوسيئيشن جي سياست آزاداڻي هجڻ گهرجي، حڪومت جي ان ۾ ڪا به مداخلت نه آهي، انصاف لائيزر فورم جي مسئلن کان آگاهه آهيون، ان جي حل لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪيون وينديون، اهڙن خيالن جو اظهار هن انصاف لائيرز فورم راولپنڊي اسلام آباد جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي اطلاعات ۽ نشريات وارو مملڪتي وزير فرخ حبيب، وزيراعظم جو سياسي معاملن وارو خاص مددگار شهباز گل ۽ ??يڊ??ڪيٽ جنرل نياز الله ن??ازي ب?? موجود هئا. وفاقي وزير چيو ته چونڊن ۾ شفافيت لاءِ ٽيڪنالاجي جو استعمال وقت جي اهم ضرورت آهي، راولپنڊي ملتان ۽ پنجاب بار ??ائونسل پنهنجون چونڊون اي وي ايم تي ڪرائڻ جي خواهش جو اظهار ??يو آهي، ٻيون بار ايسوسئيشنُون به ٽيڪنالاجي جي استعمال مان فائدو حاصل ڪري سگهن ٿيون. هن چيو ته اسان جي سياست عمران خان سان ڳنڍيل آهي، پي ٽي آءِ کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ??ه شيهي جي ديوار ثابت ٿينداسين، هن چيو ته ن??جوان وڪيلن کي قرضن جي فراهمي لاءِ اسٽيٽ بئنڪ سان ڳالهه ڪئي ??هي، ڪامياب نوجوان پروگرام تحت نوجوان وڪيلن کي 10 لک روپين تائين قرض فراهم ڪرڻ جي تجويز غور هيٺ آهي، هن چيو ته وزيراعظم جي نئين پاڪستان هائوسنگ اسڪيم ۾ به وڪيلن کي شامل ڪرڻ تي غور ڪيو پيو وڃي.