اسلام آباد – 29 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته افغانستان جي ??والي سان بريفنگ جا انتظام جلد ڪيا ويندا، ايئربيس جي ??والي سان پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ۽ پ??ڏيهي آفيس اڳ ۾ ئي پنهنجو تفصيلي موقف ڏئي چڪا آهن، مخالف ڌر جلسن جلوسن بدران تعميري ۽ مثبت سرگرمين تي ڌيان ڏي. پنهنجي هڪ بيا?? ۾ ??طلاعات واري وفاقي وزير چيو ته مخالف ڌر جو چونڊ سڌارن کان ڀڄڻ انهن جي موقف جي ??ضاد جي نشاندهي ڪري ٿو. مخالف ڌر ??ڪو??ت سان چونڊ سڌارن تي ڳالهه به نه ٿي ڪرڻ چاهي ۽ چونڊ سڌارا به چاهي ٿي. هن چيو ته مخالف ڌر ڪنفيوز، مايوس ۽ منتشر آهي، انهن جو رخ ۽ ارادا وکريل آهن. ??ڪو??ت بار بار مخالف ڌر کي دعوت ڏني ته اچو ۽ پ??رليامينٽ ۾ چونڊ سڌارن تي ڳالهه ڪريو. چوڌري فواد حسين چيو ته پي ڊي ايم ۾ واضح تضاد آهي، هڪ ٽولو جلسا جلسا کيڏڻ چاهي ٿو، ٻيو پارليامينٽ جي ??ندر ڳالهه ٻولهه جو بيان ڏي ٿو. هن چيو ته مولانا پنهنجي ??ياسي محرومي جو بدلو جمهوري نظام کان نه وٺي.