اسلام آباد – 06 – مارچ (اي پي پي) قومي اسيمبلي وزيراعظم عمران خان تي اعتماد جي قرارداد جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، مجموعي طور تي پاڪستان تحريڪ انصاف ۽ ان جي اتحادي پارٽين جي 178 ميمبرن وزيراعظم عمران خان تي اعتماد جو اظهار ڪيو آهي. آئين جي آرٽيڪل 91 جي شق 7 جي گهرج کي پورو ڪندي قومي اسيمبلي جو اجلاس طلب ڪيو ويو هو. وزيراعظم عمران خان 2018ع ۾ وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀاليو هو ته ان وقت قومي اسيمبلي جي 176 ميمبرن اعتماد جو ??وٽ ڏنو هو. قومي اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر اسد قيصر جي صدارت ۾ ٿيو. اجلاس شروع ٿيڻ تي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي قرارداد پيش ڪئي ته هي اي??ان اسلامي جمهوريه پاڪستان جي آئين جي آرٽيڪل 91 جي شق (7) جي متفضيات موجب اسلامي جمهوريه پاڪستان جي وزيراعظم عمران خان تي اعتماد جو اظهار ڪري ٿو. اسپيڪر اي??ان ۾ ووٽن جو طريقيڪار ٻڌائيندي چيو ته ووٽنگ جو عمل شروع ٿيڻ کان اڳ 5 منٽن تائين گهنٽيون وڄايون وينديون. سمورا داخلي دروازا بند ڪيا ويندا. ووٽنگ جو عمل مڪمل ٿيڻ تائين ڪو به دروازو نه کلندو ۽ ڪير به اندر نه اچي سگهندو نه ٻاهر وڃي سگهندو. ميمبرن جو نالو سڏ ڪرڻ ??ي هر ميمبر ان جي ساڄي پاسي لابي ۾ وڃي پنهنجو ??وٽ رجسٽرڊ ڪرائيندو. ان کانپوءِ اسپيڪر اعتماد جي ??وٽ جي لاءِ عمل شروع ڪيو ۽ اي??ان ۾ 5 منٽن تائين گهنٽيون وڄائڻ جو حڪم ڏنو. 5 منٽن کانپوءِ اسپيڪر سمورا داخلي دروازا بند ڪرڻ ??و حڪم ڏنو. اسپيڪر پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي پاران پيش ڪيل قرارداد اي??ان ۾ پيش ڪئي. سمورن ميمبرن قرارداد جي ڊيسڪ وڄائي ڀرپور انداز ۾ آجيان ڪئي. ان دوران مخالف ڌر پاران رڳو هڪ ميمبر محسن داوڙ اي??ان ۾ موجود رهيو. اسپيڪر چيو ته جيڪي ميمبر اعتماد جو ??وٽ ڏيڻ چاهين ٿا ??هي انهن جي ساڄي پاسي واري لابي ۾ وڃي پنهنجو ??وٽ رجسٽرڊ ڪرائين. ان کانپوءِ قومي اسيمبلي جي ميمبرن هڪ ٻئي پٺيان لابي ۾ وڃي پنهنجو ??وٽ رجسٽرڊ ڪرايو. وزيراعظم عمران خان به سمورن ميمبرن سان گڏ لابي ۾ وڃي پنهنجو ??وٽ رجسٽرڊ ڪرايو. ووٽنگ جو عمل مڪمل ٿيڻ تي ميمبر اي??ان ۾ واپس آيا جنهن کانپوءِ اسپيڪر قرارداد جي حق ۾ وڌل ووٽن جي انگ جو اعلان ڪيو. هن اي??ان کي ٻڌايو ته وزيراعظم جي حق ۾ اعتماد جي قرارداد منظور ٿي وئي آهي. اسپيڪر چيو ته ان کان اڳ آگسٽ 2018ع ۾ عمران خان 176 ??وٽ کڻي وزيراعظم چونڊيو هو جڏهن ته هاڻي هن اڍائي سالن کانپوءِ 178 ??وٽ حاصل ڪيا.