اسلام آباد – 21 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اهي مخالف ڌر م??مبر جيڪي اڳ ۾ م??ڪ ۾ سخت ترين لاڪ ڊائون نه ٿيڻ تي تنقيد ڪندا هئا هاڻي عدالتي حڪمن جي خلاف ورزي ڪندي جلسا ڪري عوام جون زندگيون خطري ۾ وجهي رهيا آهن. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته پي ڊي ايم جا اهي ميمبر جيڪي اڳ ۾ سخت ترين بندشون چاهيندا هئا ۽ مون ت?? طنز ۽ تنقيد جا تير هلائيندا هئا اڄ ماڻهن جون زندگيون خطري ۾ وجهي انتهائي غيردانشمنداڻي سياست ڪري رهيا آهن.