اسلام آباد – 14 جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان ترڪيءَ سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته فتح الله گولن دهشتگرد تنظيم جي حوالي سان ترڪيءَ سان گڏ بيٺل آهيون. وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان ترڪيءَ سان گڏ بيٺل آهي ۽ فتح الله گولن دهشتگرد تنظيم (ايف اي ٽي او) پاران ترڪيءَ کي درپيشن خطرن جي خاتمي لاءِ ترڪيءَ جي هر قدم جي ڀرپور معاونت لاءِ سمورا قدم کنيا ويندا. ترڪ صدر رجب طيب اردوان جي نالي پنهنج?? هڪ پيغام ۾ وزيراعظم عمران خان پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام پاران ترڪيءَ جي جمهوريت ۽ قومي ڏ??نه?? جي موقعي تي يڪجهتي جو اظهار ڪيو.