اسلام آباد – 31 – جنوري (اي پي پي) ايران ۾ دهشتگرد حملي ۾ فوت ٿيندڙ 9 پاڪستانين جا ل??ش اڄ هوائي جهاز جي ذريعي پاڪستان پهچي ويندا. ??رڏ??هي آفيس جي ترجمان موجب 27 جنوري 2024ع تي ايران جي صوبي سيستان، بلوچستان ۾ دهشتگرد حملي ۾ 9 پاڪستاني شهري فوت ٿي ويا هئا، انهن جا ل??ش اڄ تفتان بارڊر تان هوائي جهاز ذريعي ملتان پهچايا پيا وڃن. ترجمان چيو ته اسان جي دعا آهي ته الله تعاليٰ انهن کي جنت ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي، اسان جون هم??رد??ون ۽ دعائون پونئيرن سان گڏ آهن.