اسلام آباد – 10 – نومبر (اي پي پي) ??در ڊاڪٽر عارف علوي فلسطين جي ??در محمود عباس کي ٽيليفون ڪري پا??ست??ن جي عوام ۽ حڪومت پاران اسرائيل پاران 7 ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصي کان فلسطين جي معصوم ماڻهن تي ڪيل ظلمن تي دلي همدرديءَ ۽ ڏک جو اظهار ڪيو. ايوان ??در جي پريس ونگ موجب ??در چيو ته غزه جي صورتحال انتهائي تڪليف ڏيندڙ آهي، پوري پا??ست??ني قومي اسرائيلي سيڪيورٽي فورسز جي ڏاڍ ۽ دهشتگردي تي ڏکويل آهي. ??در اسرائيل پاران شديد بمباري ۽ اسڪولن ۽ اسپتالن کي به نشانو بڻائڻ جي مذمت ڪئي ۽ چيو ته وحشياڻي قدمن جي نتيجي ۾ عورتن، ٻارن، صحت جي شعبي، صحافين ۽ گڏيل قومن جي امدادي ڪارڪنن سميت هزارين فلسطيني مارجي ويا. هن چيو ته غزه جي موجوده صورتحال اسرائيل جي ڏهاڪن کان نسلي فرق ۽ غيرمنصفاڻي پاليسين جو ردعمل آهي. ??در مسلمانن جي نسل ڪشي ۽ انهن کي پنهنجي علائقن مان بيدخل ڪرڻ تي اسرائيل جي مذمت ڪئي. هن عزه جي عوام جي خلاف اسرائيل جي قاتلاڻي مهم روڪڻ جي لاءِ عالمي برادري پاران عدم ڪارروائي تي افسوس جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته پا??ست??ن گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن موجب فلسطين مسئلي جي حل لاءِ فلسطين جي حمايت جاري رکندو. ??در چيو ته عالمي برادري فوري جنگبندي ۽ غزه تائين انساني همدرديءَ جي بنياد تي لنگهه کولڻ جي لاءِ قدم کڻي ۽ فلسطينين جي پنهنجي وطن مان وڌيڪ بيدخلي روڪڻ، سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب فلسطين مسئلي جي مستقل حل جي لاءِ ڪوششون ڪري. فلسطيني ??در محمود عباس چيو ته اسرائيل غزه ۾ نسل ڪشي ڪري رهيو آهي. هن اسرائيل کي فلسطيني سرزمين تي ويڙهه کي روڪڻ سان گڏوگڏ انساني امداد جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ غزه جي لاءِ لنگهه کولڻ جو پڻ مطالبو ڪيو. هن چيو ته غزه جي ماڻهن جي لاءِ خوراڪ، دوائون ۽ بجلي دستياب نه آهي. ان موقعي تي فلسطيني ??در محمود عباس فلسطين جي حمايت ۽ انساني امداد موڪلڻ تي پا??ست??ن جا ٿورا مڃيا.