اسلام آباد – 09 – جون (اي پي پي) وفاقي حڪومت ايندڙ مالي سال 24 – 2023ع جي بجيٽ ۾ سرڪاري شعبي جي ترقياتي پروگرام (پي ايس ڊي پي) تحت انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وزارت جي 30 جاري ۽ ٻن نئين ترقياتي منصوبن جي ل??ءِ مجموعي طور تي 6 ار?? رپين جا فنڊز رکيا آهن. انهن منصوبن جو منظور ٿيل ڪاٿو 88 ارب 35 ڪروڙ 49 لک 50 هزار رپيا لڳ??يو ويو آهي. جنهن جي ل??ءِ 55 ارب 74 ڪروڙ 76 لک 14 هزار رپين جا پرڏيهي فنڊز پڻ خرچ ٿيندا. سرڪاري ترقياتي پروگرام تحت حڪومت نئين مالي سال 24 – 2023ع جي بجيٽ ۾ ڊيجيٽل پاڪستان جي سائبر سيڪيورٽي جي جاري منصوبن کي مڪمل ڪرڻ جي ل??ءِ مجموعي طور تي 54 ڪروڙ 80 لک رپيا خرچ ڪرڻ جي ل??ءِ رکيا آهن. اهو منصوبو مارچ 2021ع ۾ شروع ڪيو ويو.