اسلام آباد– 23 – نومبر (اي پي پي) پرڏيهي معاملن وار?? مملڪتي وزير حنا رباني کر مراڪش جي شهر فينز ۾ منعقد ٿيندڙ گڏيل قومن جي تهذيبن جي اتحاد (يو اين ??ي او سي) جي نائين ??المي فورم جي موقعي تي پرتگال جي پرڏيهي وزير جوائو ڪراوينهو سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترج??ان هڪ ٽوئيٽ ۾ چيو ته ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ پرتگال جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي طريقن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. مملڪتي وزير ۽ پرتگالي پرڏيهي وزير گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.