اسلام ??باد – 08 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ هائوسنگ، ڪنسٽرڪشن اينڊ ڊولپمينٽ بابت نيشنل ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جو هفتيوار اجلاس منعقد ٿيو. هائوسنگ واري وزارت پاران وزيراعظم کي وفاقي حڪومت جي ادارن جي دير جو شڪار منصوبن تي ڪم ??اري ڪرڻ، جاري منصوبن ۽ مستقبل جي منصوبن جي نتيجي ۾ تعمير ٿيندڙ هائوسنگ يونٽس ۽ انهن منصوبن جي ماليت جي باري ۾ تفصيلي بريفنگ ڏني وئي، وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته فيڊرل گورنمينٽ ايمپلائيز هائوسنگ اٿارٽي جا تقريبن 10 منصوبا گذريل ڪيترن ئي سالن کان دير جو شڪار هئا جنهن تي ٻيهر ڪم ??اري ڪيو ويو آهي ان جي نتيجي ۾ 38667 يونٽس تعمير ٿ??ند??. انهن منصوبن جو ڪاٿو 120.21 ا??ب روپيا آهي، انهي طرح پاڪستان هائوسنگ اٿارٽي فائونڊيشن جا ٽي منصوبا جيڪي ڪيترن ئي سالن کان دير جو شڪار هئا ۽ جن تي ڪم ??و ٻيهر آغاز ڪيو پيو وڃي ان جي نتيجي ۾ 5372 يونٽس تعمير ٿ??ند?? جنهن جو ڪاٿو 27.85 ارب روپيا آهي، هن سال جاري منصوبن جي نتيجي ۾ 26625 يونٽس تعمير ٿ??ند?? جنهن جي ماليت 213.4 ارب روپيا آهي، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته سال 2020ع جي ايندڙ سال جاري ٿيندڙ منصوبن جي نتيجي ۾ 25017 يونٽس تعمير ٿ??ند?? جنهن جي ماليت جو ڪاٿو 112.03 ارب روپيا آهي.