اسلام آباد – 30 سيپٽمبر (اي پ?? پي) صدر ڊاڪٽر عا??ف علوي چيو آهي ته افغان تڪرار جو فوجي حل ناهي ۽ سياسي ڳالهيون ئي اڳتي وڌڻ جو رستو آهن، افغان قيادت کي ان مس??لي جي سياسي حل جي لاءِ ان تاريخي موقعي مان فائدو وٺڻ گهرجي، پاڪستان افغانستان جي مس??قبل جي حوالي سان افغان قوم جي فيصلي سان گڏ بيٺل هوندو. افغان امن عمل ۾ پاڪستان جي ڪردار کي عالمي برادري ساراهيو، دوها ۾ بين الاافغان ڳالهين جو آغاز هڪ سنگ ميل جي حيثيت رکي ٿو، ايوان صدر ??ي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن افغانستان جي قومي مصالحتي هاءِ ڪائون??ل جي چيئرمين ڊاڪٽر عبدالله عبدالله سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس هتي ملاقات ڪئي،