اسلام آباد – 04 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي مصنوعي ذهانت کي استعمال ۾ آڻڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ٽيڪنالاجي جي فروغ سان ملڪ کي ترقي جي راهه تي گامزن ڪر?? سگهجي ٿو، گورننس ۽ سائنس جي ڳانڍاپي سان ترقي ممڪن آهي، زراعت پاڪستان جو بنياد آهي، ان شعبي ۾ ڊرون ٽيڪنالاجي کي استعمال ۾ آندو وڃي، پاڪستان مو??وده حڪومت جي دانشمنداڻي پاليسين ۽ عوام پاران احتياطي تدبيرن تي عملدرآمد جي ڪر?? ڪورونا وبا تي ضابطو آڻڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪامسٽيڪ يونيورسٽي ۾ مصنوعي ذهانت بابت تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. صدر چيو ته مصنوعي ذهانت جي ڪر?? صحيح انگ اکر گڏ ڪرڻ ۽ ان مو??ب پاليسي سازي ۾ مدد ملي ٿي، مصنوعي ذهانت کي استعمال ۾ آڻڻ سان وڌيڪ ڊيٽا گڏ ڪرڻ جي صلاحيتن ۾ اضافو ٿئي ٿو، پاڪستان ۾ 20 ڪر??ڙ ماڻهن جي ڊيٽا مو??ود آهي، اها ڊيٽا نئون سون ۽ تيل آهي، اسان ان ڊيٽا جي تجزيه سان منصوبابندي ڪر?? ڪيترن ئي قدمن ۾ بهتري آڻي سگهون ٿا.