اسلام آباد – 03 آگسٽ (اي پي پي) گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جي 330 مريضن جا ٽيسٽ مثبت آيا آهن، جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 8 ماڻهو فوت ٿي ويا آهن، جن مان 7 ماڻهو اسپتالن ۾ ۽ هڪ مريض گهر ?? قرنطينا دوران فوت ٿيو. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر پاران جاري تازي رپورٽ موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران 11 هزار 26 ڪورونا جا ٽيسٽ ڪيا ويا، جنهن مان سنڌ ۾ 5 هزار 272، پنجاب ۾ 3 هزار 554، خيبرپختونخواهه ۾ 648، اسلام آباد ۾ هڪ هزار 271، بلوچستان ۾ 105?? گلگت بلتستان ۾ 54 ۽ آزاد ڪشمير ۾ 92 ٽيسٽ ڪيا ويا. هيستائين سڄي ??لڪ ۾ ڪوويڊ 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو انگ 2 لک 48 هزار 873 ٿي چڪي آهي. آزاد ڪشمير?? گلگت بلتستان ۽ بلوچستان ۾ ڪو به ڪورونا جو مريض هن وقت وينٽي ليٽر تي نه آهي، جڏهن ته سڄي ??لڪ ۾ ڪوويڊ 19 مريضن جي لاءِ مخصوص ڪيل 859 وينٽي ليٽ??ز تي 213 مريض آهن. هن وقت سڄي ??لڪ ۾ ڪوويڊ جي ايڪٽو ڪيسن جو انگ 25 هزار 172 آهي. هيستائين سڄي ??لڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي مريضن جو انگ 2 لک 80 هزار 29 آهي جنهن مان آزاد ڪشمير ۾ 2 هزار 93، بلوچستان ۾ 11 هزار 774?? گلگت بلتستان ۾ 2 هزار 180، اسلام آباد ۾ 15 هزار 76، خيبرپختونخواهه ۾ 34 هزار 223، پنجاب ۾ 93 هزار 197 ۽ سنڌ ۾ هڪ لک 21 هزار 486 مريض آهن. سڄي ??لڪ ۾ ڪوويڊ 19 سبب فوت ٿيندڙن جو انگ 5 هزار 984 آهي جنهن ۾ سنڌ مان 2 هزار 224 جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران هڪ ماڻهو اسپتال ۾ فوت ٿي ويو، پنجاب مان 2 هزار 148، جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 3 ماڻهو اسپتالن جڏهن ته هڪ شخص گهر ?? قرنطينا دوران فوت ٿي ويو، خيبرپختونخواهه ۾ هڪ هزار 202، جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 2 ماڻهو اسپتال ۾ ان بيماري سبب فوت ٿي ويا، اسلام آباد ۾ ڪل 165 فوتگيون، بلوچستان ۾ 136?? گلگت بلتستان ۾ 55 جنهن مان گذريل 24 ڪلاڪن دوران هڪ شخص اسپتال ۾ ان وائرس سبب فوت ٿي ويو، آزاد ڪشمير ۾ 54 ماڻهو فوت ٿي ويا، هيستائين سڄي ??لڪ مان 20 لک 21 هزار 196 ڪورونا وائرس جا ٽيسٽ ڪيا ويا. سڄي ??لڪ ۾ ڪوويڊ 19 مريضن جي علاج جي لاءِ مخصوص ڪيل 735 ??سپتالن ۾ هڪ هزار 595 علاج هيٺ آهن.