اسلام آباد – 29 فيبروري (اي پي پي) سترهين انٽرنيشنل ڪارڊيڪ اليڪٽرو فزيالوجي ڪانفرنس جي شروعات آرمڊ فورسز انسٽيٽيوٽ آف ڪارڊيالوجي (اي ايف آءِ سي) ۽ نيشنل انسٽيٽيوٽ آف هارٽ ڊيزيزز (اين آءِ ايڇ ڊي) راولپنڊي ۾ ٿي وئي آهي. پاڪ فوج جي عوامي لاڳاپن واري شعبي (آءِ ايس پي آر) موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي ٽن ڏ??نهن واري ڪانفرنس جي افتتاحي سيشن ۾ خاص مهم??ن طور شرڪت ڪئي. ڪانفرنس جي لاءِ ٺو?? سائنسي ۽ اڪيڊمڪ پروگرام جوڙيا ويا آهن.