اسلام آباد-03 ڊسمبر (اي پي پي) مذهبي معاملن واري وف??قي وزير پير نو??الحق قادري سيالڪوٽ واقعي کي بي رحماڻو ۽ قابل مذمت قرار ڏيندي چيو آهي ته واقعي جي شفاف ۽ غير جانبداراڻي جاچ ڪئي ويندي. پنهنجي ??ڪ بيان ۾ هن چيو ته پنجاب حڪومت ۽ سيالڪوٽ انتظاميه کي 24 ڪلاڪن اندر جوابدارن تائين پهچڻ ۽ گرفتاريءَ جا حڪم ڏنا ويا آهن. پوري رياست ۽ پاڪستاني شهري ان بي رحماڻي واقعي جي ??ذمت ڪري رهيا آهن. هن چيو ته هر پرڏيهي ۽ اقليتن جي ??ال ۽ جان جي حفاظت رياست جي ذميداري آهي. سيالڪوٽ جو واقعو عدالت کان مٿانهون ۽ ملڪ ۾ مذهبي منافقت پيدا ڪرڻ جي ڪِريل س??زش آهي. گستاخ رسول ۽ توهين مذهب جي سزا لاءِ ملڪي قانون موجود آهي، هر مجرم کي قانون جي سامهون آندو ويندو. اهڙا واقعا بين الاقوامي سطح تي پاڪستان جي بدناميءَ جو سبب بڻجن ٿا.