پشاور – 29 – آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام پنهنجي افغان ڀائرن سان گڏ بيٺل آهي، عالمي برادري درست تجزيو ڪر?? افغانستان جي ??سئ??ي جو حل ڪڍڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪر??. افغانستان لاءِ امدادي سامان جي حوالگي جي حوالي سان گورنر هائوس پشاور ۾ منعقد تقريب کي خطاب ڪندي اسپيڪر اسد قيصر چيو ته افغانستان سان اسان جو تمام گهڻو مضبوط رشتو آهي، هن وقت افغانستان هڪ مشڪل دور مان گذري رهيو آهي ان لاءِ عالمي برادري ان ??سئ??ن کي حل ڪرڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪر??. هن چيو ته پارليامينٽ ۾ پاڪ افغان دوستي گروپ گهڻو موثر ڪم ڪر?? رهيو آهي. افغانستان جي عوام سان تمام گهڻا پراڻا لاڳاپا آهن. اسان سدائين پنهنجي افغاني ڀائرن سان گڏ بيٺل رهيا آهيون اسان جي خواهش آهي ته افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام هجي. پاڪستان ۽ هتي جي عوام افغانستان جي ترقي چاهي ٿي. پاڪستان جي سرندي وارن ماڻهن کان افغان عوام جي امداد لاءِ اڳتي ??چڻ جي درخواست ڪر??ان ٿو. عالمي برادري افغان ??سئ??ي جو درست تجزيو ڪر?? عوام جي مدد ڪر??. پاڪستاني عوام ۽ حڪومت پنهنجي افغان ڀائرن سان گڏ آهي.