اسلام آباد -18 سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاه محمود قريشي چيو آهي ته هڪ پرامن ۽ مستحڪم افغانستان نه صرف پاڪستان بلڪه سڄي خ??ي لاءِ انتهائي اهميت جوڳو ??هي. اجتماعيت جي حامل سياسي حل ذريعي افغانستان ۾ امن جو قيام خطي ۾ امن ۽ استحڪام ۽ ترقي لاءِ اڻٽر ??هي. اهڙو اظهار هن ڪينيڊين پرڏيهي وزير مارڪ گارنيو سان ٽيليفون تي ڳالهائيندي ڪيو. ڳالهين ??وران ٻنهي پرڏيهي وزيرن وچ ۾ ٻه طرفن لاڳاپن ۽ افعانستان جي اڀرندڙ صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. هن چيو ته هڪ پرامن ۽ مستحڪم افعانستان نه صرف پاڪستان بلڪه خطي لاءِ انتهائي اهم ??هي. هن ڪينيڊين پرڏيهي وزير کي افغانستان جي صورتحال تي متفقه راءِ عمل جوڙڻ لاءِ ڪيل هاڻوڪي چار ملڪي دوري جي تفصيلن کان آگاه ڪيو. شاه محمود قريشي افغانستان ۾ اجتماعيت جي حامل سياسي حل جي ضرورت تي زور ڏيندي افغانستان ۾ امن جي قيام کي خ??ي جي امن ۽ استحڪام ۽ ترقي لاءِ اڻٽر قرار ڏنو. هن عالمي برادري تي زور ڀريو ته هو افغانستان جي معاشي ۽ انساني معاونت لاءِ اڳتي وڌن. هن چيو ته پاڪستان، افغانستان ۾ انساني الميي کي نظر ۾ رکندي افغانين کي هوائي زميني رستي امدادي سامان جي فراهمي جاري رکي ??هي. پرڏيهي وزير افغانستان کي امدادي سامان موڪلڻ لاءِ انساني راهداري کولڻ بابت ڪينيڊين هم منصب کي آگاه ڪيو. هن چيو ته عالمي برادري کي انهن ملڪن کي نظر انداز نه ڪرڻ گهرجي جيڪي وڏي عرصي کان لکين ??فغان مهاجرين ??ي ميزباني ڪندا پيا اچن. پرڏيهي وزير ٻه طرفن لاڳاپن جي نوعيت تي اطمينان ڪندي انهن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. پرڏيهي وزير چيو ته اسان ڪورونا وبا جي صورتحال م بهتري جي صورت ۾ پاڪستان ۽ ڪينيڊا وچ ۾ ايندڙ سياسي مشاورتي اجلاسن جا منتظر آهيون. پرڏيهي وزير ڪينيڊين پرڏيهي وزير سان هيملٽن ڪينيڊا ۾ پاڪستاني ڪيندين ??هري جي مارجڻ ۽ ان جي 63 سالن جي والد فقير علي جي اغوا جو معاملو اٿاريو. ڪينيڊين پرڏيهي وزير شاه محمود قريشي کي خ??طري ڪرائي ته متاثر خاندان کي انصاف جي فراهمي لاءِ ڪينيڊين ??ڪومت معاملي جي مڪمل جاچ ڪري رهي ??هي. پرڏيهي وزير ڪينيڊين هم منصب کان مطالبو ڪيو ته وبائي صورتحال ۾ بهتري کي نظر ۾ رکندي شاگردن ۽ ڪاروباري شخصيتن جي مشڪلاتن ۾ گهٽتائي آڻڻ لاءِ ويزا ايڊوائيزري تي نظرثاني ڪئي وڃي. ڪينيڊين پرڏيهي وزير افغانستان ۾ امن جي قيام لاءِ پاڪستان جي ڪوششن کي پڻ ساراهيو ۽ ڪابل مان ڪ??نڊ??ن شهرين ??ي نيڪالي ۾ پاڪستان طرفان فراهم ڪيل معاونت تي پرڏيهي وزير ۽ پاڪستاني قيادت جو شڪريو ادا ڪيو. پرڏيهي وزير ڪ??نڊ??ن هم منصب کي خ??طري ڪرائي ته پاڪستان افغانستان ۾ واپسي جي عمل ۾ معاونت جو سلسلو جاري رکڻ لاءِ پرعزم ??هي.